دراني جهان خان مولانا

دراني، جهان خان، مـولانـا: مـشهـور عالـم، مـولانا جـهـان خـان ولـد خداداد خان دراني شڪارپور ۾ جنم ورتو. سندس نسبت جو سلسلو اهل الله بزرگ حافظ مدد خان درانيءَ سان ملي ٿو. سنڌي ۽ انگريزيءَ جي تعليم شڪارپور ۾ حاصل ڪيائين. هن عربي ۽ فارسي جي تعليم سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ مولانا محمد صادق کڏي واري جي والد بزرگ مولانا عبيدالله وٽ حاصل ڪئي. ڪجهه وقت مولانا قاضي خان محمد شاهه لودين وٽ به تعليم حاصل ڪيائين. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد 1892ع ۾ مدرسو پڻ قائم ڪيائين. پاڻ مهمان نوازيءَ ۾ ڏيهان ڏيهه مشهور هو ۽ پاڻ اڪثر روزي ۾ رهندو هو. سڄي عمر تعليم ۽ تبليغ ۾ گذاريائين. ڪيترن غير مذهب ماڻهن کي مسلمان ڪيائين. ان ڪري مٿس گهڻيون ئي تڪليفون پيش آيون، ڪيس داخل ٿيا، پر پاڻ ثابت قدم رهيو. طريقت جي سلسلي ۾ خواجه عبدالرحمان جان سرهنديءَ جو مريد هو. افغانستان جي بادشاهه امير حبيب الله خان کيس گورنريءَ جي آڇ ڪئي، مگر مولانا انڪار ڪيو. سندس علم ۽ فضل مان سوين عالم مستفيض ٿيا. نامور عالم مولانا تاج محمود امروٽي به سندس شاگرد هو. مشهور شاعر، عالم ۽ حڪيم مير علي نواز علوي ۽ قاضي سيد بهادر شاهه سندس گهاٽا دوست هوندا هئا. پير شاهه مردان شاهه ’اول‘ پنجون پاڳارو به ساڻس گهڻي محبت رکندو هو. هن 10 اپريل 1913ع تي وفات ڪئي. سندس هڪ فرزند مولانا عبدالرحمان به نامور بزرگ ٿي گذريو آهي. شڪارپور ضلعي ۾ قائم شهر ’جهانيان‘ مولانا جهان خان جي نالي پويان آباد ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو